سنڌي راڳ ۽ تال

سنڌي راڳ ۽ تال

سنڌي راڳ ۽ تال

سنڌي راڳ ۽ تال (ڪتاب): هيءُ ڪتاب، معروف شاعر ۽ موسيقيءَ جي ماهر سيد منظور نقويءَ جي تصنيف آهي. هي ڪتاب 14 عنوانن ۾ ورهايل آهي، جن ۾: (1) الحان، (2) سنڌي راڳ جي تاريخ، (3) راڳ جو سنڌي ادب تي اثر، (4) آواز، (5) سُر، (6) راڳ، (7) ٺاٺ (ڏهه ٺاٺ)، (8) سنڌي گائڪي، (9) سنڌي راڳ، (10) پوربي ٺاٺ مان نڪتل راڳ، (11) مالوي، (12) راڳ ماليگورا، (13) سنڌي تال، (14) سنڌي ساز. ڪتاب جي تقريظ ۾ شامل آهن. سيد منظور نقويءَ ڄاڻايو آهي ته، ”سنڌ جا راڳ، ساز ۽ ڳائڻ جا انداز، قديم زماني کان مشهور آهن، ايستائين جو قديم زماني جي نائڪن ۽ گائڪن به سنڌي راڳن کي قدم قدم تي پئي تسليم ڪيو آهي، نه فقط ايترو بلڪ اهي سنڌي راڳ، قديم هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳايا پئي ويا.“
ڊيمي سائيز جي 88 صفحن تي مشتمل هي مختصر ڪتاب، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري، اپريل 1981ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 16 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو